ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ جاري مالي سال دوران اضافو، بناسپتي گيهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ جاري مالي سال دوران اضافو ۽ بناسپتي گيهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. انگن اکرن واري سرڪاري اداري موجب مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ملڪ ۾ 481625 ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل جي پيداوار ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 1.20 سيڪڙو آهي، گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ ملڪ …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي پيداوار ۾ جاري مالي سال دوران اضافو ۽ بناسپتي گيهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. انگن اکرن واري سرڪاري اداري موجب مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ملڪ ۾ 481625 ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل جي پيداوار ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 1.20 سيڪڙو آهي، گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ ملڪ ۾ 475913 ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل جي پيداوار حاصل ٿي هئي.مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ملڪ ۾ 1069554 ميٽرڪ ٽن بناپستي گيهه جي پيداوار حاصل ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ ملڪ ۾ 1102620 ميٽرڪ ٽن بناپستي گيهه جي پيداوار حاصل ٿي هئي.