آپريشن بنيان المرصوص تاريخ ياد رکندي ته ڪير ثابت قدم رهيو ۽ ڪير پوئتي ڌڪجي ويو: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ڀارت آپريشن بنيان المرصوص کي ياد رکندو، جيڪڏهن هن ٻيهر اهڙي ڪوشش ڪئي يا ڪو ٻيو ڊرامو ڪيو ته ان جو جواب پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ موثر انداز ۾ ڏنو ويندو. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مودي پاڪستان خلاف بيانيو تيار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پهلگام جهڙي …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ڀارت آپريشن بنيان المرصوص کي ياد رکندو، جيڪڏهن هن ٻيهر اهڙي ڪوشش ڪئي يا ڪو ٻيو ڊرامو ڪيو ته ان جو جواب پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ موثر انداز ۾ ڏنو ويندو. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مودي پاڪستان خلاف بيانيو تيار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پهلگام جهڙي ڪوڙي پروپيگنڊا جو ناڪام ڊرامو رچايو. پر جڏهن پاڪستان معتبر ثبوت ۽ غير جانبادر عالمي تحقيقات جو مطالبو ڪيو ته ڀارت پوئتي هٽي ويو ۽ ان وٽ ڪو به جواب نه هو. ڀارت جي هٿ ٺوڪي ”آپريشن سندور“ کي آپريشن بنيان المرصوص چيڀاٽي ڇڏيو. پاڪستان جي هٿياربند فوج موثر انداز ۾ سموري قوت سان جوابي ڪارروائي ڪندي 6 ڀارتي جنگي جهازن کي ڪيرايو ۽ ڀارت کي هر محاذ تي شڪست ڏني، دنيا ڏٺو ته ڪنهن ڌر پروپيگنڊا تي ڀاڙيو ۽ ڪنهن عمل سان پنهنجي برتري ثابت ڪئي. هاڻي ڀارتي سوشل ميڊيا کي جعلي بيانيي، ڪهاڻين ۽ کوکلن نعرن سان ڀري سگهن ٿا، پر حقيقتن کي دفن نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا حقيقتن ۽ سچائي کان آگاهه آهي. هن چيو ته تاريخ ياد رکندي ته ڪير ثابت قدم رهيو ۽ ڪير پوئتي هٽي ويو. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر جيڪڏهن ٻيهر جارحيت مڙهي وئي ته ان جو جواب سخت تيز ۽ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ موثر انداز ۾ ڏنو ويندو، هن ڀارت تي واضح ڪيو ته ڌمڪيون ڏيڻ يا ڪو ٻيو ڊرامو ڪرڻ کان پهرين ياد رکو ته پاڪستان هر وقت تيار آهي.