ايس آءِ ايف سي جي اثرائتن سڌارن جا مثبت ثمر ظاهر، پاڪستان ۾ معاشي ۽ صنعتي ترقي جو نئون دور شروع

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، صنعتي ترقي ۽ معاشي سڌارا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته گذريل مهيني اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي ) جي اثرائتن سڌارن جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ايس آءِ ايف سي  جي سيڪريٽري ڊاڪٽر جهانزيب خان چيو ته ايس آءِ ايف سي وڏي پيماني تي زرعي فارمنگ، لاجسٽڪس، ريلويز، موٽر ويز، فارما ۽ ويئر هائوسنگ جي منصوبن ۾ سرگرم ڪردار …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، صنعتي ترقي ۽ معاشي سڌارا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته گذريل مهيني اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي ) جي اثرائتن سڌارن جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ايس آءِ ايف سي  جي سيڪريٽري ڊاڪٽر جهانزيب خان چيو ته ايس آءِ ايف سي وڏي پيماني تي زرعي فارمنگ، لاجسٽڪس، ريلويز، موٽر ويز، فارما ۽ ويئر هائوسنگ جي منصوبن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن سان ملڪي معيشت کي نئين اڳڀرائي ملي رهي آهي. هن ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان 7 نيون سيمينٽ فيڪٽريون لڳائڻ لاءِ رستو کليو آهي، جنهن سان صنعتي پيداوار ۾ اضافو، روزگار جا نوان موقعا ۽ تعميراتي شعبي ۽  موٽر وي منصوبي کي وڌيڪ استحڪام ملڻ جو امڪان آهي. ڊاڪٽر جهانزيب خان چيو ته صحت جي شعبي ۾ به ايس آءِ ايف سي نمايان اڳڀرائي  ڪئي آهي. جتي ميڊيڪل ٽوئرازم انيشي ايٽو جي شروعات سان پاڪستان کي خطي جي هڪ اهم طبي مرڪز  طور متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان جي پهرين قومي ويڪسينيشن پالسيسي جي منظوري به عمل ۾ آئي، جڏهن ته ڊريپ جي ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي پري ڪواليفيڪشن حاصل ڪري عالمي معيار تي پورو لهڻ جو اعزاز به (ڊبليو ايڇ او ) کان حاصل ڪيو آهي . پاڪستان – يورپي يونين بزنس فورم جي حوالي سان ايس آءِ ايف سي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. ماهرن مطابق پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، صنعتي توسيع ۽ معاشي بحالي ۾ آيل بهتري ايس آءِ ايف سي جي پاليسي سهڪار ، سڌارن وارن قدمن ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ترجماني آهي.