اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 37 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 28 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 28 هزار 400 ڪيوسڪ، …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 37 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 28 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 28 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 64 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 64 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 32 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1459.30 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.312 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1161.35 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.182 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.70 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.164 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










