حضرو-07 مئي (اي پي پي) اڳوڻي وفاقي وزير ملڪ امين اسلم خان چيو آهي ته آپريشن بنيان المرصوص عزم، قرباني ۽ فتح جو داستان هو، ڪجهه ڏينهن، ڪجهه واقعا ۽ ڪجهه فيصلا قومن جي قسمت بدلائي ڇڏين ٿا. اهڙو ئي هڪ باب آپريشن بنيان المرصوص جي صورت ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو جنهن نه رڳو پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ دنيا ۾ واضح پيغام ڏنو ۽ دشمن کي پيغام …
آپپريشن بنيان المرصوص ذريعي دشمن کي واضح پيغام ڏنو ويو: اڳوڻو وفاقي وزير ملڪ امين اسلم خان

مزید خبریں
حضرو-07 مئي (اي پي پي) اڳوڻي وفاقي وزير ملڪ امين اسلم خان چيو آهي ته آپريشن بنيان المرصوص عزم، قرباني ۽ فتح جو داستان هو، ڪجهه ڏينهن، ڪجهه واقعا ۽ ڪجهه فيصلا قومن جي قسمت بدلائي ڇڏين ٿا. اهڙو ئي هڪ باب آپريشن بنيان المرصوص جي صورت ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو جنهن نه رڳو پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ دنيا ۾ واضح پيغام ڏنو ۽ دشمن کي پيغام ڏنو ته اهو ملڪ ڪمزور ناهي پر هڪ مضبوط باوقار ۽ خوددار رياست آهي. هڪ سال اڳ جڏهن دشمن ارادن سان وطن عزيز جي سالميت کي للڪارڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد کانئس اهو وسري ويو هو ته اها سر زمين رڳو مٽي جو ٽڪڙو ناهي پر لکين شهيدن جي رت سان بڻائي وئي آهي جيئن ئي خطري جي گهنٽي وڳي ، پاڪ فوج منظم ۽ ڀرپور رد عمل ڏنو. اهو رد عمل دفاع نه هيو پر هڪ اهڙو فيصلو هيو جنهن دشمن جي سمورن منصوبن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.










