آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ملڪ جي ترقي ڪندڙ معيشت جو ثبوت آهي: صدر ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-07 مئي(اي پي پي) آمريڪي صدر صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بچت ۽ نوڪرين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ دوران وال اسٽريٽ ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي ڪندڙ معيشت جو ثبوت قرار ڏنو آهي. وائيٽ هائوس پاران ايڪس تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ آمريڪي …

واشنگٽن-07 مئي(اي پي پي) آمريڪي صدر صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بچت ۽ نوڪرين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ دوران وال اسٽريٽ ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي ڪندڙ معيشت جو ثبوت قرار ڏنو آهي. وائيٽ هائوس پاران ايڪس تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ آمريڪي صدر چيو آهي ته اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، بچت ۽ نوڪريون وڌي رهيون آهن. گذريل ڏينهن ايس اينڊ پي 500 ۽ نيسڊيڪ ڪمپوزٽ رڪارڊ سطح تائين بلند ٿيا، جتي ترتيبوار 1.46 سيڪڙو ۽ 2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. اهو اضافو اڪثر ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل شيئرز ۾ تيزي سبب ٿيو. انهن اضافن جو سبب سيڙپڪارن ۾ واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ امڪاني امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي اميد کي قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں