مڪو شريف-07 مئي (اي پي پي) ايراني حاجين جو پهريون قافلو مڪي شريف پهچي ويو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن ايران جي حاجين جو پهريون قافلو مڪي شريف پهچي ويو جنهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ايراني اختيارين حاجين جي آمد کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ تياري مڪمل ڪري ورتي. سموريون ضروري خدمتون لاجسٽڪ فراهم ڪيون ته جيئن مڪي شريف ۾ قيام دوران حاجين جي آرام ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.ايراني حاجين جون شروعاتي …
ايراني حاجين جو پهريون قافلو مڪي شريف پهچي ويو

مزید خبریں
مڪو شريف-07 مئي (اي پي پي) ايراني حاجين جو پهريون قافلو مڪي شريف پهچي ويو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن ايران جي حاجين جو پهريون قافلو مڪي شريف پهچي ويو جنهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ايراني اختيارين حاجين جي آمد کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ تياري مڪمل ڪري ورتي. سموريون ضروري خدمتون لاجسٽڪ فراهم ڪيون ته جيئن مڪي شريف ۾ قيام دوران حاجين جي آرام ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.ايراني حاجين جون شروعاتي اڏامون گذريل هفتي مديني شريف جي پرنس محمد بن عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئرپورٽ پهتيون هيون. سڄي دنيا کان حاجين جو حج جي ادائگي لاءِ سعودي عرب آمد جو سلسلو 18 اپريل کان شروع ٿيو هو. رياض ۾ ايراني سفير علي رضا اميد ظاهر ڪئي ته ايراني حاجي آساني سان مناسڪ ادا ڪندا ۽ حفاظت سان وطن واپس موٽي ويندا. ايراني سفارتخانو هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ سعودي پرڏيهي وزارت سان رابطي ۾ آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال اٽڪل 30 هزار ايران جا حاجي حج جو فرض ادا ڪندا.











