ايران پاران آبنائي هرمز ۾ ڏکڻ ڪوريا جي جهاز تي حملي جي ترديد

سيول-07 مئي (اي پي پي) ايران هلندڙ هفتي آبنائي هرمز ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سامونڊي جهاز تي حملي جي ترديد ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا ۾ ايران جي سفارتخاني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي هٿيار بند فوج آبنائي هرمز ۾ ڪوريا جي جهاز کي نقصان پهچائيندڙ واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي شموليت جي الزام کي سختي سان رد ڪري ٿي. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جڏهن آمريڪا …

سيول-07 مئي (اي پي پي) ايران هلندڙ هفتي آبنائي هرمز ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سامونڊي جهاز تي حملي جي ترديد ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا ۾ ايران جي سفارتخاني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي هٿيار بند فوج آبنائي هرمز ۾ ڪوريا جي جهاز کي نقصان پهچائيندڙ واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي شموليت جي الزام کي سختي سان رد ڪري ٿي. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جڏهن آمريڪا آبنائي هرمز کي کولڻ لاءِ پنهنجو آپريشن ڪيو ته ايران ڪوريا جي هڪ جهاز ۽ ٻين هدفن تي فائرنگ ڪئي. پاناما ۾ رجسٽرڊ ڪارگو جهاز جنهن کي ڪوريائي شپنگ  ڪمپني ايڇ ايم ايم هلائي رهي هئي، خالي ۽ لنگرانداز ٿيو ته تڏهن ڌماڪو ٿيو ۽ ان ۾ باهه لڳي وئي .ڪوريا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ان واقعي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ باهه وسائي وئي آهي. جهاز کي پهتل نقصان جي جائزي ۽ مرمت لاءِ ويجهي بندرگاهه کي کوليو ويندو . ڏکڻ ڪوريا جي شپنگ ڪمپني ايڇ ايم ايم جي ترجمان چيو ته 24 رڪني عملو 35 هزار ٽن جنرل ڪارگو جهاز تي موجود رهيو.

مزید خبریں