لاهور-02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي رسد جي نظام ۾ بهتري ذريعي لائن لاسز ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ ۽ بجلي چوري جي خاتمي لاءِ سخت قدمن جي هدايت ڪندي توانائي جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو آهي.ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي جي شعبي ۾ …
وزيراعظم شهباز شريف جي لائن لاسز ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ ۽ بجلي چوري جي خاتمي لاءِ سخت قدمن جي هدايت

مزید خبریں
لاهور-02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي رسد جي نظام ۾ بهتري ذريعي لائن لاسز ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ ۽ بجلي چوري جي خاتمي لاءِ سخت قدمن جي هدايت ڪندي توانائي جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو آهي.ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير احد خان چيمه، وفاقي وزير عطا الله تارڙ، وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص مددگار هارون اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي گهريلو صارفين ۽ صنعت لاءِ بجلي جي کپت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته بجلي جي صنعتي ۽ گهريلو صارفين لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، بجلي جي رسد جي نظام ۾ بهتري آڻي لائن لاسز ۾ نمايان گهٽتائي آندي وڃي، ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن کي هٿي ڏني وڃي، بجلي جي اگهن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي. وزيراعظم صارفين کي بلن جي ادائيگي ۾ آساني لاءِ ڊجيٽل سهولتن جي فراهمي تي زور ڀريو. هن هدايت ڪئي ته بجلي چوڌري جي خاتمي لاءِ سخت قدم جاري رکيا وڃن، صنعتي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ توانائي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته گهريلو صارفين لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا عوام ۽ صنعت جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ نٿا ڪري سگهجن.









