اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علي الزيدي کي عراق جو وزيراعظم نامزد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڇنڇر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ علي الزيدي جي عراق جي وزيراعظم طور چونڊجڻ تي کيس دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو ۽ ان اهم ذميواري کي سنڀالڻ تي هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران علي الزيدي کي عراق جو وزيراعظم نامزد ٿيڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علي الزيدي کي عراق جو وزيراعظم نامزد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڇنڇر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ علي الزيدي جي عراق جي وزيراعظم طور چونڊجڻ تي کيس دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو ۽ ان اهم ذميواري کي سنڀالڻ تي هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان نئين عراقي حڪومت سان ويجهي سهڪار ذريعي ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.









