حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان عالمي سطح تي امن جو علمبردار بڻجي اڀريو: عطا الله تارڙ

اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان دنيا ۾ امن جو علمبردار بڻجي اڀريو آهي، پاڪستان سفارتي ۽ بياني جي محاذ تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ڇنڇر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ Talking Narratives- Marka e Haq  جي عنوان سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته بيانيو ۽ عسڪري …

اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان دنيا ۾ امن جو علمبردار بڻجي اڀريو آهي، پاڪستان سفارتي ۽ بياني جي محاذ تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ڇنڇر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ Talking Narratives- Marka e Haq  جي عنوان سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته بيانيو ۽ عسڪري سطح تي پاڪستان جي عزت، وقار ۽ منفرد مقام وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي، جتي پاڪستان پاسپورٽ ۽ سائي جهنڊي کي به احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، اڄ سڄي دنيا ۾ ماڻهو پاڪستان سان وابستگي تي فخر محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته سرحد جي پرئين ڀر اڪيلائي، ناڪامي ۽ بدنامي کانسواءِ ڪجهه ناهي، اسان ٻڌندا هئاسين ته هن سڄي دنيا ۾ وڏي لابنگ ڪري ورتي آهي ۽ غير معمولي اهميت حاصل ڪرڻ وڃي رهيو آهي پر اسان جي، جي ٽين سي جهازن ۽ فتح ميزائيل دشمن جي نام نهاد چمڪ کي مٽي ۾ بدلائي ڇڏيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ پاڪستان روشن ۽ باوقار مقام تي بيٺل آهي، جڏهن ته اوڀر طرف خاموشي ۽ اونڌاهي ڇاهيل آهي. وفاقي وزير چيو ته حق جي ويڙهه ڪيترن ئي محاذن تي وڙهي وئي، جڏهن وزيراعظم شهباز شريف پي ايم اي ڪاڪول ۾ دنيا آڏو اهو موقف پيش ڪيو ته پهلگام واقعو هڪ فالس فليگ آپريشن هو ۽ ان جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته ان جو ڪو به جواب نه آيو ۽ جواب اچڻو به نه هو ڇاڪاڻ ته اهو واقعو چالاڪي سان پاڻ ڪيو ويو ته صرف 10 منٽن اندر ان جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي جنهن سان سڄو معاملو هڪ مذاق بڻجي ويو هو، ان باوجود پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور پهلگام واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي نشانو بڻجندڙن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين رياست طور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اڀرندي سرحد طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪرڻ ته پري پر ڪڏهن به ڳڻتي جو اظهار به نه ڪيو ويو، اهو ئي بنيادي فرق آهي. هن چيو ته هڪ طرف پاڪستان جي رياست آهي جيڪا دهشتگردن ۽ دهشتگردي خلاف مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺل آهي، جڏهن ته پاڪستان جو هر طبقو ان جنگ ۾ قربانيون ڏئي رهيو آهي. فوج، آفيسر ۽ جوان، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سڀ ان جدوجهد ۾ شريڪ آهن. هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جو سانحو سڄي دنيا آڏو آهي، جڏهن ته جعفر ايڪسپريس واقعي جي به سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته اسان جو هر طبقو قربانيون ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي ڪردار جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪڏهن اسان ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪريون ٿا ته ڪڏهن اڀي نندن پڪڙيو وڃي ٿو، هن چيو ته اسان جي اندر ۾ ايتري بردباري ۽ وقار آهي ته جڏهن سندن پائليٽ اسان جي تحويل ۾ آيو ته اسان ان کي چانهه پياري، عزت ۽ احترام سان واپس ڪيو، هن چيو ته ڪو ٻيو هجي ها ته واپس وڃي ايوارڊ نه وٺي ها، هي عجيب قوم آهي ، سندن جهاز ڪريو اسان ان جي پائليٽ کي چانهه پياري واپس ڪيو ۽ واپس وڃي ايوارڊ ورتو، وفاقي وزير چيو ته اهو ئي بنيادي فرق آهي ته ڀارت دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيو آهي. هي مسئلو صرف پاڪستان تائين محدود ناهي پر ان جا اثر ٻين ملڪن تائين پهچي چڪا آهن. ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل جو واقعو دنيا آڏو آهي، سکن خلاف ڪارروايون صرف ڀارت جي اڀرندي پنجاب تائين محدود ناهن رهيون پر ان جا اثر ڪينيڊا ۽ آمريڪا تائين پکڙجي چڪا آهن. عطا الله تارڙ چيو ته حق جي ويڙهه ۾ سفارتي محاذ تي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان بياني جي محاذ تي به سرخرو ٿيو. هن چيو ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير طور جڏهن سي اين اين، بي بي، اسڪائي نيوز، الجزيره، ٽي آر ٽي سميت عالمي ميڊيا تي پاڪستان جو موقف پيش ڪري رهيو هو ته هي ٽيم ورڪ جو حصو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ان حوالي سان بهترين ماحول پيدا ڪيو ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي، ان ٽيم ورڪ جي نتيجي ۾ پاڪستان نه رڳو سفارتي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر بياني جي جنگ ۾ به سرخرو ٿيو. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي نوجوانن ۽ سوشل ميڊيا انفلوائنسرز سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي جنگ دوران بهترين ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته حق جي ويڙهه جي تاريخ لکي ويندي ته جنريشن زي، سوشل ميڊيا انفلوئنسرز، سوشل ميڊيا صارفينن ۽ سندن خدمتن کي سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته هڪ طرف سخت قسم جي روايتي جنگ جاري هئي جڏهن ته ٻئي پاسي ميم وار به هلي رهي هئي، ڀارت ۾ قوم ان ڳالهه تي پريشان هئي ته هي ڪهڙا ماڻهو آهن جن جنگ جهڙي سنجيده ماحول ۾ به اسان جي دعوائن جو مذاق اڏاريو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ اسان جي نوجوان نسل ڀارتي ميڊيا جو مڪروه چهرو سڄي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا جو بيانيو ان حد تائين ڪوڙ تي ٻڌل هو ته هن لاهور ۽ ملتان جهڙي لينڊ لاڪ شهرن جي بندرگاهن تائين کي تباهه ڪرڻ جون پڻ دعوائون ڪيون ۽ انهن جي اينڪرز ٽي وي شخصيتن پاڪستان کي غير ارادي طور ڀرپور مزاحيه مواد فراهم ڪيو. هن چيو ته جڏهن هي چئلينج سامهون آيو ته ڀارت پاڪستان جا يوٽيوب چئنلز بند ڪري ڇڏيا ته سوال اٿيو ته ڇا اسان به اهو ئي قدم کڻون، جڏهن ته ميڊيا حڪمت عملي تحت فيصلو ڪيو ته ائين نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته جنگي ماحول ۾ ڪجهه گنجائش رهڻ گهرجي، جڏهن ته اسان هڪ قدم ضرور کنيو ۽ پنهنجا ملي نغما، قومي ۽ جنگي ترانا ڀارتي يوٽيوب چئنلز تي هلائي پنهنجو موقف دنيا تائين پهچايو. عطا الله تارڙ چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي وڏي عزت رکي جڏهن ته نوجوان نسل، جنريشن زي ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. سندن ڪوششن نه رڳو پوري قوم پر پاڪ فوج جا حوصلا بلند ڪيا. اسان ٻڌندا هئاسين ته 1965ع جي جنگ ۾ ميڊم نور جهان ملي نغمن سان قوم کي متحرڪ ڪيو ۽ نوجوانن ۽ آفيسرن جو مورال بلند ڪيو ڪيو هو، هن ڀيري به جوش ۽ جذبو موجود هو، جڏهن ته اسان سان گڏ اسان جي جنريشن زي جي سوشل ميڊيا حڪمت عملي به قومي جذبي، پاڪ فوج جي حوصلي ۽ ملڪ جي عزم کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردارادا ڪيو. قومون اهڙي طرح بڻجنديون آهن. وزيراعظم جو ويزن، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جنگي حڪمت عملي ۽ جنهن جرئت سان قيادت ڪئي وئي اهو دنيا جي جنگي تاريخ جو هڪ اهم بابت آهي. هن چيو ته جڏهن حملو ٿيو ته پاڪستان دشمن جا 8 جهاز ڪيرايا. هن چيو ته ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ سندس ٽيم انتهائي پيشيوراڻي مهارت سان ملڪ جو دفاع ڪيو جڏهن ته پاڪستان نيوي به مڪمل طور تي تيار هئي، هن چيو ته ايڊمرل نويد اشرف به هدف لاڪ ڪري رکيا هئا ته جيئن خدا نه ڪري پاڪستان تي ڪا اڳرائي ٿي ته ان جو موثر جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان نه رڳو پنهنجو دفاع ڪيو پر حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان مرصوص تحت 10 مئي تي ڀرپور جواب ڏنو. ڀارت جي فوجي ترجمان جا منهن لٿل هئا جيڪي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وڏيون دعوائون ڪري رهيا هئا، هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ رهائشي ڪامپليڪس تي بمباري سان هڪ معصوم ٻار شهيد ٿيو جڏهن ته بهاولپور ۽ مريدڪي ۾ به اسان جا ٻار ۽ شهري شهيد ٿيا، ٻئي طرف ڀارت طرفان مسلسل چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا پئي ويا. پاڪستاني فوج جي ڪارروائي کانپوءِ اهي ڌريون ڪجهه ڪلاڪن اندر گوڏا کوڙي جنگ بندي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. اهي ئي ٽي وي اسڪريننون هيون، اهي ئي چهرا هئا پر اعتماد ختم ٿي چڪو هو، پاڪستان جي فيصلائتو جواب کي ٻه چار ڪلاڪ به برداشت نه ڪري سگهيا، هن چيو ته ان رات دنيا ڏٺو ته جڏهن هنن پاڪستان تي حملو ڪيو ته بعد ۾ انهن جي جهازن جا ملبا بلڊورز ذريعي کنيا پئي ويا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان رات جي اونڌاهي ۾ جواب نه پر فجر جي وقت نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ الله تعاليٰ کان دعا ڪري ڪارروائي شروع ڪئي. هن چيو ته جڏهن فتح ميزائل پنهنجي هدفن طرف ويا ته هنن فتح جو پيغام ڏنو، هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هن واقعي کي هڪ سال ٿي ويو آهي ۽ پوري قوم اڄ ان فتح جو جشن ملهائي رهي آهي، هن چيو ته ان ئي اتحاد ۽ اتفاق ۾ پاڪستان جي اصل طاقت آهي. ملڪ جي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، وفاقي وزير  سمورن سوشل ميڊيا انفلوئنسرز ۽ صحافين کي سلام پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني ميڊيا انتهائي ذميواري سان حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي ۽ پاڪستان جي بياني کي هٿي ڏني. هن چيو ته جيڪڏهن اهو سمجهيو وڃي ها ته بياني جي جنگ اڪيلي وڙهي سگهجي ٿي ته اهو درست ناهي، هي مڪمل طور هڪ ٽيم ورڪ هو. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ۽ هڪ سال ۾ ملڪ کي جيڪا عزت ملي اها وڌيڪ وڌندي. هن دعا ڪئي ته پاڪستان ترقي ڪري وڌي ويجهي ۽ ايندڙ نسلن کي اهڙو ملڪ ملي جنهن جو خواب علامه محمد اقبال ڏٺو هو ۽ جنهن کي قائداعظم محمد علي جناح عملي تعبير ڏني.