اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي)پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان- افغانستان سرحد تي ٿيل اڳڀرائي بابت برطانوي خصوصي نمائندي جي سوشل ميڊيا پوسٽ هڪطرفي رمارڪس، سرحدي صورتحال جي گهري سمجهه کان خالي آهي، افغان طالبان طرفان بنا سبب سرحد جي ٻئي پاسي کان حملا ۽ افغان طالبان جي حمايت يافته ڀارتي پراڪسيز جي پاڪستان اندر دهشتگرد ڪاررواين جي نتيجي ۾ 52 شهري شهيد ۽ 84 زخمي ٿيا …
برطانوي خصوصي نمائندي جي سوشل ميڊيا پوسٽ هڪطرفي رمارڪس، سرحدي صورتحال جي گهري سمجهه کان خالي آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي)پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان- افغانستان سرحد تي ٿيل اڳڀرائي بابت برطانوي خصوصي نمائندي جي سوشل ميڊيا پوسٽ هڪطرفي رمارڪس، سرحدي صورتحال جي گهري سمجهه کان خالي آهي، افغان طالبان طرفان بنا سبب سرحد جي ٻئي پاسي کان حملا ۽ افغان طالبان جي حمايت يافته ڀارتي پراڪسيز جي پاڪستان اندر دهشتگرد ڪاررواين جي نتيجي ۾ 52 شهري شهيد ۽ 84 زخمي ٿيا آهن. افغانستان بابت برطانوي خصوصي نمائندي طرفان سوشل ميڊيا تي ڪيل هڪ پوسٽ جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي اسان پاڪستان- افغانستان سرحد تي ٿيل اڳڀرائي بابت برطانوي خصوصي نمائندي جي سوشل ميڊيا پوسٽ جو جائزو ورتو آهي، هڪ طرفي رمارڪس، سرحدي صورتحال جي گهري سمجهه کان خالي آهي. افغانستان طرفان سرحد پار اڳڀرائي ۽ دهشتگردن جي مداخلت جون ڪوششون پاڪستان طرفان مارچ 2026ع ۾ اعلان ڪيل عارضي وقفي باوجود بنا رڪاوٽ جاري رهيون آهن. ان دوران افغان طالبان طرفان بي سبب چڙ ڏياريندڙ سرحد پار حملا ۽ افغان طالبان جي حمايت يافته ڀارتي پراڪسيز جي پاڪستان اندر دهشتگرد ڪاررواين جي نتيجي ۾ 52 شهري شهيد ۽ 84 زخمي ٿيا آهن. ڪالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪندي افغانستان کي موثر جواب ڏنو آهي جنهن ۾ افغان طالبان جون چوڪيون ۽ دهشتگردن جي مددگار ڍانچي کي نهايت درستگي سان نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته افغانستان طرفان مداخلت جي ڪيترين ئي ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويو آهي، پاڪستان جي رد عمل جي نتيجي ۾ شهرين جي مارجڻ بابت افغان دعوائون شاهدين جي بنياد تي ڀروسي جوڳيون ناهن، هن چيو ته ان قسم جا غير ضروري بيان جن ۾ دهشتگردي جي بنيادي سببن کي نظرانداز ڪيو وڃي، متوازن ۽ زميني نقطه نظر فراهم نٿا ڪن، اسان علائقائي صورتحال، پاڪستان جي اصولي موقف ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني عوام جي بي مثال قربانين کي بهتر طور تي سمجهڻ جي ضرورت تي زور ڀريون ٿا.









