مانچسٽر ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو شاندار استقبال

اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو مانچسٽر ۾  شاندار استقبال ڪيو ويو. برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن قيصر احمد شيخ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. سيڙپڪاري بورڊ طرفان گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب مانچسٽر ۾ ڊين هائوس تي اعليٰ سطحي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين ڀرپور شرڪت ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سمنڊ پار …

اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو مانچسٽر ۾  شاندار استقبال ڪيو ويو. برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن قيصر احمد شيخ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. سيڙپڪاري بورڊ طرفان گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب مانچسٽر ۾ ڊين هائوس تي اعليٰ سطحي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين ڀرپور شرڪت ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سمنڊ پار پاڪستانين جي موڪليل ناڻي کي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ بهترين منزل آهي، هن حڪومت طرفان پيش ڪيل رعايتن ۽ موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. قيصر احمد شيخ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪ برطانيه لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. وفاقي وزير فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي عالمي امن لاءِ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن سيڙپڪاري بورڊ طرفان سيڙپڪارن لاءِ مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.