اسلام آباد -02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام، يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيٽڪس جي اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت پي ايم واءِ پي جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ڪئي. پي ايم وائي پي جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ يوٿ ڊولپمينٽ انڊيڪس ذريعي نوجوانن جي پاليسي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون …
يوٿ ڊولپمينٽ انڊيڪس نوجوانن جي حوالي سان پاليسي سازي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد -02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام، يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيٽڪس جي اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت پي ايم واءِ پي جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ڪئي. پي ايم وائي پي جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ يوٿ ڊولپمينٽ انڊيڪس ذريعي نوجوانن جي پاليسي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ ڊاڪٽر لوئي شبانه نمائنده يو اين ايف پي اي، سان گڏ زهرا ۽ مقدر به شرڪت ڪئي. ان کان علاوه نعيم الظفر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. راڻا مشهود احمد خان اجلاس ۾ پنهنجي ٽيم ميمبرن سان گڏ شرڪت ڪئي. يوٿ ڊيولپمينٽ انڊيڪس هڪ عالمي سطح تي مڃيل ۽ شاهدين تي ٻڌل فريم ورڪ آهي، جيڪو 15 کان 29 سالن جي عمر جي نوجوانن جي ترقي جو جائزو وٺندو آهي. راڻا مشهود احمد خان چيو ته واءِ ڊي آءِ 2026ع پاڪستان لاءِ هڪ اهم ۽ فوري موقعو آهي، جنهن ذريعي نوجوانن لاءِ اهڙيون پاليسيون ٺاهي سگهبيون جيڪي قومي ترجيحن ۽ عالمي هدفن سان هم آهنگ هجن. هن چيو ته واءِ ڊي آءِ ذريعي صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڊيٽا جو تجزيو ممڪن ٿيندو، جنهن سان نوجوانن وچ ۾ ٿيندڙ عدم مساوات کي بهتر طور سمجهي سگهبو. ان سان وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ممڪن ٿيندي ۽ پٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقن تائين تيار ڪيل واءِ ڊي آءِ فريم ورڪ ملڪ جي سماجي، معاشي ۽ سلامتي بابت حقيقتن کي نظر ۾ رکي ٿو. ان ۾ نوجوانن جي صحت، امن امان جي صورتحال، دهشتگردي، تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلين جهڙا عمل شامل آهن ته جيئن نوجوانن جي ترقي جو هڪ مڪمل ۽ حقيقت تي ٻڌل اندازو لڳائي سگهجي. هن چيو ته واءِ ڊي آءِ، پائيدار ترقي جي هدف سان مڪمل هم آهنگ آهي، خاص طور تي صحت، صنفي برابري، روزگار، عدم مساوات ۾ گهٽتائي ۽ امن ۽ انصاف بابت هدفن سان گڏ هي پاڪستان جي عالمي ترقياتي وعدن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. آخر ۾ چيئرمين چيو ته پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام نوجوانن جي ترقي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل ۽ شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. هن يو اين ايف پي اي ۽ پي بي ايس سان ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ يوٿ ڊولپمينٽ انڊيڪس کي ڪاميابي سان لاڳو ڪري سگهجي ۽ نوجوانن لاءِ وڌيڪ اثرائتو ۽ جامع پاليسي جوڙي سگهجي.









