اسپين جي سپريم ڪورٽ پاران نيمار ۽ بارسلونا کي فراڊ ڪيس ۾ بري قرار ڏيڻ جو فيصلو برقرار

ميڊرڊ-23 اپريل (اي پي پي) اسپين جي سپريم ڪورٽ برازيل جي اسٽار فٽ بالر نيمار ۽ بارسلوناجي اڳوڻي صدر سينڊرو روزل ۽ جوزف ماريا بارٽوميئو خلاف ڪرپشن ۽ ڌوڪو ڏيڻ جي ڪيس ۾ وڏو فيصلو ٻڌائيندي سندن بريت کي برقرار رکيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ڪيس 2013 ع ۾ نيمار جي برازيلين ڪلب سينٽوس مان بارسلونا منتقلي دوران مبينه مالي بي ضابطگين بابت هيو. سپريم ڪورٽ جي فوجداري بينچ …

ميڊرڊ-23 اپريل (اي پي پي) اسپين جي سپريم ڪورٽ برازيل جي اسٽار فٽ بالر نيمار ۽ بارسلوناجي اڳوڻي صدر سينڊرو روزل ۽ جوزف ماريا بارٽوميئو خلاف ڪرپشن ۽ ڌوڪو ڏيڻ جي ڪيس ۾ وڏو فيصلو ٻڌائيندي سندن بريت کي برقرار رکيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ڪيس 2013 ع ۾ نيمار جي برازيلين ڪلب سينٽوس مان بارسلونا منتقلي دوران مبينه مالي بي ضابطگين بابت هيو. سپريم ڪورٽ جي فوجداري بينچ فيصلي ۾ قرار ڏنو ته بارسلونا جي صوبائي عدالت جي 2022 جي فيصلي خلاف درج ڪيل اپيل ۾ ڪو به وزن ناهي ۽ دستياب شاهدين ۽ استغاثه جي موقف ۾ تضاد کي ظاهر ڪن ٿا. عدالت مطابق، ڪاروباري معاملن ۾ ڪا به بدعنواني يا ڪو غير قانوني فراڊ نه هو، نه ئي رانديگر طرفان، نه سندس نمائندن طرفان، ۽ نه ئي ڪلب طرفان استغاثه  نيمار لاءِ 2 سال قيد جي سزا ۽ 10 ملين يورو جي ڏنڊ جي درخواست ڪئي هئي. اهو ڪيس برازيل جي سيڙپڪاري ڪمپني ڊي آءِ ايس پاران داخل ڪيو ويو هو، جيڪا ان وقت نيمار جي حقن ۾ 40 سيڪڙو حصي جي مالڪ هئي. ڪمپني جو موقف هيو ته رانديگر جي اصل منتقلي جي قيمت گهٽ بيان ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ان کي ان جي منصفاڻي حصي کان گهٽ رقم ملي. بهرحال، عدالت اڳوڻي فيصلي کي برقرار رکيو، عدالت اهڙي موقف کي ناڪافي قرار ڏنو. عدالت سڀني الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي ڪيس اڪلائي  ڇڏيو.

مزید خبریں