لنڊن-16 اپريل (اي پي پي)برطانوي ٽينس جي تاريخ جي ڪامياب ترين رانديگر ۽ عالمي نمبر ون جيمي مري پنهنجي ڀاءُ اينڊي مري جي نقش قدم تي هلندي پيشيوراڻي ٽينس تان ريٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن تحت برطانوي ٽينس جي هڪ عظيم رانديگر جو ڪيريئر پڄاڻي تي پهتو. پرڏيهي ميڊيا موجب 40 سالن جي جيمي مري پنهنجي 20 سالن جي ڪيريئر دوران 34 ڊبلز ٽائيٽلز کٽيا جنهن ۾ 7 …
انگلينڊ جي ٽينس اسٽار جيمي مري پاران رٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان
لنڊن-16 اپريل (اي پي پي)برطانوي ٽينس جي تاريخ جي ڪامياب ترين رانديگر ۽ عالمي نمبر ون جيمي مري پنهنجي ڀاءُ اينڊي مري جي نقش قدم تي هلندي پيشيوراڻي ٽينس تان ريٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن تحت برطانوي ٽينس جي هڪ عظيم رانديگر جو ڪيريئر پڄاڻي تي پهتو. پرڏيهي ميڊيا موجب 40 سالن جي جيمي مري پنهنجي 20 سالن جي ڪيريئر دوران 34 ڊبلز ٽائيٽلز کٽيا جنهن ۾ 7 گرينڊ سلام جا اعزاز به شامل آهن ۽ هو پهريون برطانوي رانديگر هيو جنهن عالمي نمبر 1 جي ڊبلز رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ هن پنهنجي 36 سالن جي ٽينس جي سفر کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي مائٽن ۽ ڀائرن سميت مداحن جو شڪريو ادا ڪيو.












