پاڪستان  سپر ليگ (پي ايس ايل 11 ) ۾ شريڪ سمورين ٽيمن جي اعزاز ۾ خصوصي تقريب منعقد

لاهور- 15 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي)جي چيئرمين لاهور مان جاري ڪيل پريس رليز موجب چيئرمين محسن نقوي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 11) ۾ شريڪ سڀني ٽيمن جي فرنچائيز مالڪن ۽ انتظاميا جي اعزاز ۾  هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي رانديگرن ۽ ميچ آفيشلز پڻ شرڪت ڪئي. تقريب دوران پي سي بي چيئرمين سموري انتظاميا جو استقبال ڪيو ۽ …

لاهور- 15 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي)جي چيئرمين لاهور مان جاري ڪيل پريس رليز موجب چيئرمين محسن نقوي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 11) ۾ شريڪ سڀني ٽيمن جي فرنچائيز مالڪن ۽ انتظاميا جي اعزاز ۾  هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي رانديگرن ۽ ميچ آفيشلز پڻ شرڪت ڪئي. تقريب دوران پي سي بي چيئرمين سموري انتظاميا جو استقبال ڪيو ۽ رانديگرن ۽ فرنچائيز مالڪن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز پي ايس ايل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. محسن نقوي مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سڀني ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پي ايس ايل 11 جا اصل هيرو رانديگر آهن، هن سڀني پرڏيهي رانديگرن جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهي اسان جا خاص مهمان آهن. سنڌ جي وزيرن ۽ آفيسرن سميت ٻين به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم، انضمام الحق، مصباح الحق ۽ سرفراز احمد سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي. قومي ۽ پرڏيهي رانديگرن پي سي بي چيئرمين جي هن باوقار تقريب منعقد ڪرڻ  تي شڪريو ادا ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں