زمبابوي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو

لاهور – 10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ وومينز ڪرڪيٽ جون سرگرميون تيز ٿي رهيون آهن ۽ ان ئي سلسلي ۾ زمبابوي وومينز ٽيم پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورو ڪندي. شيڊول مطابق مهمان ٽيم 29 اپريل تي ڪراچي پهچندي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 6 وائٽ بال ميچز کيڏيون وينديون، جيڪي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿينديون. سيريز ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچز شامل آهن جڏهن ته 3 …

لاهور – 10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ وومينز ڪرڪيٽ جون سرگرميون تيز ٿي رهيون آهن ۽ ان ئي سلسلي ۾ زمبابوي وومينز ٽيم پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورو ڪندي. شيڊول مطابق مهمان ٽيم 29 اپريل تي ڪراچي پهچندي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 6 وائٽ بال ميچز کيڏيون وينديون، جيڪي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿينديون. سيريز ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچز شامل آهن جڏهن ته 3 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچز به کيڏيون وينديون. ون ڊي سيريز جون ميچون 3، 6 ۽ 9 مئي تي کيڏيون وينديون. ان کانپوءِ ٽي _ 20 سيريز 12، 14 ۽ 15 مئي تي کيڏي ويندي. اها ٽي _ 20 سيريز خاص اهميت واري آهي ڇو جو اها ايندڙ وومينز ٽي_ 20 ورلڊڪپ جي تياري جو حصو هوندي، جيڪا 12 جون کان 5 جولاءِ تائين انگلينڊ ۽ ويلز ۾ کيڏي ويندي.

مزید خبریں