سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فيفا چيف جي ملاقات، راندين ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

جده-05 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فيفا جي صدر جياني انفانٽينو ملاقات ڪئي جنهن ۾ فٽبال کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جده ۾ ٿال ملاقات دوران سعودي عرب ۽ فيفا وچ ۾ جاري شراڪت جو جائزو ورتو ويو ۽ گراس روٽ کان وٺي پيشيوراڻي سطح تائين …

جده-05 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فيفا جي صدر جياني انفانٽينو ملاقات ڪئي جنهن ۾ فٽبال کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جده ۾ ٿال ملاقات دوران سعودي عرب ۽ فيفا وچ ۾ جاري شراڪت جو جائزو ورتو ويو ۽ گراس روٽ کان وٺي پيشيوراڻي سطح تائين فٽبال جي راند کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي غور ڪيو ويو. سعودي عرب تازن سالن ۾ فيفا سان پنهنجن رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪيو آهي جيڪو سعودي عرب کي راندين جو عالمي مرڪز بڻائڻ جي وسيع تر ڪوششن جو حصو آهي. سعوي عرب هن وقت تائين ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪئي آهي ۽ وچ اوڀر ۾ فٽبال جي مقبوليت ۽ واپاري ترقي لاءِ فيفا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. ملاقات ۾ سعودي عرب جي راندين بابت وزير شهزاده عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل ۽ سعودي عرب فٽبال فيڊريشن جو صدر ياسر المسحل به شريڪ هو.

مزید خبریں