اسلام آباد - پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موجوده گهرجن موجب نوجوانن کي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت تربيت يافته افرادي قوت تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس …
وزيراعظم پاران موجوده گهرجن موجب نوجوانن کي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موجوده گهرجن موجب نوجوانن کي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت تربيت يافته افرادي قوت تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارر، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر احسن اقبال، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، ايڇ اي سي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف راڻا مشهود احمد خان جي سربراهي ۾ پي ايم يوٿ پروگرام جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان اسان جي قوم جو مستقبل آهن، حڪومت انهن کي پيشيواراڻي مهارت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي افرادي قوت ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته موجوده گهرجن موجب نوجوانن کي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قدمن ۾ تيزي آندي وڃي. هن چيو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ۾ تازي سڌارن کانپوءِ نوجوانن کي ٽيڪنيڪي تربيت جي فراهمي ۾ ڪافي بهتري آئي آهي، نوجوان افرادي قوت جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ نيوٽيڪ جي ذريعي شروع ڪيل جامع تربيتي پروگرام جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي وڌيڪ گهرج واري هنر جي حوالي سان نوجوانن جي عالمي سرٽيفڪيشن سان گڏ فني ۽ ٽيڪنيڪي تربيت اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ پرڏيهي وزارت عالمي سطح تي نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جي ڪيترن ئي موقعن جي نشاندهي ڪري چڪا آهن ۽ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي ڪم جاري آهي، پي ايم يوٿ حب قومي ۽ عالمي سطح تي نوڪرين جي موقعن جي معلومات جي حوالي سان مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، ٻاهرئين ملڪن ۾ آءِ ٽي، صحت، تعميرات، سياحت، لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن م نوڪرين جا موقعا موجود آهن. بريفنگ موجب هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي 282 يونيورسٽين مان تعليم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن جي ڊيجيٽل ايپ جي ذريعي روزگار جي حوالي سان ٽريڪنگ ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي نوڪري ملڻ جو رڪارڊ رکيو پيو وڃي، اهو رڪارڊ اڳتي جي لاءِ تعليمي پاليسي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيڪنيڪي تربيت جي فروغ جي لاءِ تعليم واري وزارت جي انتظام هيٺ 32 تعليمي ادارن ۾ ميٽرڪ ٽيڪ متعارف ڪيو ويو آهي، فني ۽ ٽيڪنيڪي تربيت جي حوالي سان ميٽرڪ ٽيڪ جي طرز تي انٽر ٽيڪ پڻ جلد متعارف ڪيو ويندو.











