صدر آصف علي زرداري پاران خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين پيش ڪندي خيبر ۽ بنون ۾ ڪارروائين دوران فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. اربع تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته مُلڪ مان پرڏيهي مدد سان هلندڙ دهشتگردي کي …

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين پيش ڪندي خيبر ۽ بنون ۾ ڪارروائين دوران فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. اربع تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته مُلڪ مان پرڏيهي مدد سان هلندڙ دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو قومي عزم اڻ ٿڪ آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پرڏيهي مدد سان هلندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائيُون جاري رکيُون وڃن.

مزید خبریں