وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران خيبر پختونخواهه ۾ 13 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخواهه ۾ 13 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن سان بنون ۽ باڙه ۾ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف شيهي جي …

اسلام آباد- پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخواهه ۾ 13 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن سان بنون ۽ باڙه ۾ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف شيهي جي ديوار وانگر آهن. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں