اسلام آباد _ مارچ (اي پي پي)بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب ٿيل جاني نقصان تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پنھنجي جاري بيان ۾ روبينه خالد بنون ۾ 7 معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظھار ڪيو. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن چيو ته مشڪل جي ھن گھڙي ۾ متاثر ڪٽنبن سان گڏ آھيون. روبينه خالد چيو ته قدرتي …
بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن پاران خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظھار

مزید خبریں
اسلام آباد _ مارچ (اي پي پي)بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب ٿيل جاني نقصان تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پنھنجي جاري بيان ۾ روبينه خالد بنون ۾ 7 معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظھار ڪيو. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن چيو ته مشڪل جي ھن گھڙي ۾ متاثر ڪٽنبن سان گڏ آھيون. روبينه خالد چيو ته قدرتي آفتن سبب متاثر ماڻھن جي مدد پھرين ترجيح آھي، بي آءِ ايس پي متاثر خاندانن جي ھر ممڪن مدد لاءِ پرعزم آھي. ھن فوت ٿيل ماڻھن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. ھن برساتن سبب زخمي ٿيل ماڻھن جي جلد صحتيابي لاءِ به نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو.











