ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد -31 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري جي ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 25 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 27 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 27 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 46هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 46 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 26 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 18  هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 900 …

اسلام آباد -31 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري جي ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 25 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 27 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 27 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 46هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 46 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 26 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 18  هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق جناح بيراج ۾ پاڻي جي آمد 53 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49 هزار 300 ڪيوسڪ، چشمه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 76 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزا ڪيوسڪ، تونسه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 33 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 32 هزار 700 ڪيوسڪ، گڊو بيراج ۾ پاڻي جي آمد 36 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار 100 ڪيوسڪ، سکر بيراج ۾ پاڻي جي آمد 32 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي جي آمد 06 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ زيرو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1448.29فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.961 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1136.45 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.217 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.60 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.129 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں