نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان اسلام آباد ۾ چئن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي لاءِ تازي پاڪستان جي دوري دوران مهمان نوازي کي …

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان اسلام آباد ۾ چئن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي لاءِ تازي پاڪستان جي دوري دوران مهمان نوازي کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ ترڪ ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي جو ورجاءُ ڪندي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں