پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪي، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن پاران اسرائيل طرفان والاريل بيت المقدس ۾ مسلمانن ۽ مسيحن جي عبادت جي آزادي تي مسلسل پابندين جي مذمت

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪي، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن اسرائيل طرفان والاريل بيت المقدس ۾ مسلمانن ۽ مسيحن جي عبادت جي آزادي تي مسلسل پابندين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اُن کي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، انهن اهڙن قدمن جي به مذمت ڪئي آهي جن جي تحت مسلمانن …

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪي، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن اسرائيل طرفان والاريل بيت المقدس ۾ مسلمانن ۽ مسيحن جي عبادت جي آزادي تي مسلسل پابندين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اُن کي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، انهن اهڙن قدمن جي به مذمت ڪئي آهي جن جي تحت مسلمانن کي عبادت لاءِ مسجد اقصيٰ (الحرم الشريف) تائين پُهچ کان روڪيو ويو، جڏهن ته بيت المقدس جي ڪيٿولڪ مذهبي اڳواڻ ۽ مقدس مسيحي جاين جي حفاظت ۽ سار سنڀال جي ذميوار مذهبي اڳواڻ کي پام آچر جي موقعي تي چرچ آف دي هولي سيپلڪر ۾ عبادت ڪرڻ کان به محروم رکيو. پرڏيهي وزيرن والاريل بيت المقدس ۾ مسلمانن ۽ مسيحي مقدس جاين جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به اسرائيلي ڪوشش جي مذمت ڪندي اُن کي رد ڪيو. انهن چيو ته اهي مسلسل اسرائيلي قدم عالمي قانون سميت عالمي انساني حقن جي قانون جي به کُلي خلاف ورزي آهن، ۽ اهي قانوني ۽ تاريخي حيثيت کي به پامال ڪن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ عبادتگاهن تائين بنا رڪاوٽ پهچ جي حق جي به خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزيرن بيت المقدس ۾ مسلمانن ۽ مسيحن خلاف اسرائيل جي غير قانوني ۽ محدود ڪرڻ وارن قدمن کي مُڪمل طور رد ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مسيحن کي چرچ آف دي هولي سيپلڪر تائين آزاداڻي پهچ حاصل هوجھن گهرجي جيئن هُو پنهنجُون مذهبي رسمُون ادا ڪري سگهن. انهن والاريل بيت المقدس ۽ ان جي مسلمان ۽ مسيحي مقدس هنڌن جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت جو احترام جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ واضح ڪيو ته قابض طاقت اسرائيل کي بيت المقدس تي ڪابه حاڪميت حاصل نه آهي. پرڏيهي وزيرن مسلسل 30 ڏينهن تائين رمضام جي مقدس مهيني ۾ مسجد اقصيٰ، الحرم الشريف جا دروازا بند رکڻ ۽ عبادت جي آزادي کي محدود رکڻ تي پنهنجي مذمت کي ورجايو جنهن کي انهن عالمي قانون ۽ موجوده قانوني ۽ تاريخي حيثيت جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو. انهن خبردار ڪيو ته اهڙي طرح جا چڙ ڏياريندڙ عمل علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن. پرڏيهي وزيرن ٻيهر ورجايو ته مسجد اقصيٰ/احرم الشريف جو پورو علائقو (144 دونم) صرف مسلمانن لاءِ عبادتگاهه آهي ۽ ان جي انتظام جي واحد اٿارٽي بيت المقدس اوقاف ۽ مسجد الاقصيٰ معاملن جو کاتو آهي، جيڪو اردن جي وزارت اوقاف ۽ اسلامي معاملن جي تحت ڪم ڪري ٿو. پرڏيهي وزيرن اسرائيل کان قابض طاقت طور مھُطالبو ڪيو ته هُو فوري طور تي مسجد اقصيٰ/الحرم الشريف جا دروازا کولي، والاريل بيت المقدس جي قديم شهر ۾ لاڳو پابدنيُون ختم ڪري ۽ مسلمانن کي مسجد تائين پُهچڻ کان روڪڻ کان مُڙي وڃي. انهن عالمي برادري کان پڻ مُطالبو ڪيو ته هو ان حوالي سان مضبوط موقف اختيار ڪري ته جيئن اسرائيل کي والاريل بيت المقدس ۾ اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين جي خلاف جاري خلاف ورزين ۽ غير قانوني قدمن کان روڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي.

مزید خبریں