نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي هڪ ڏينهن جي دوري تي بيجنگ روانو

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد کان چين جي هڪ ڏينهن جي دوري تي بيجنگ لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزارت پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، هي دورو چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي ڪيو پيو وڃي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو وٺندا ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن …

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد کان چين جي هڪ ڏينهن جي دوري تي بيجنگ لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزارت پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، هي دورو چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي ڪيو پيو وڃي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو وٺندا ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هلندڙ سال نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جو بيجنگ جو هي ٻيو دورو آهي.

مزید خبریں