لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي عام چونڊن ۾ تڪ اين اي 127 تان ڪاميابي خلاف درخواست رد ڪئي وئي آهي. ملڪ ظهير عباس کوکر وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ جي چونڊن ۾ ڪاميابي کي چئلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل ملڪ ظهير عباس کوکر جي درخواست کي غلط، نه ٻُڌڻ جوڳو ۽ بي بنياد قرار ڏنو. ملڪ ظهير عباس …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي عام چونڊن ۾ تڪ اين اي 127 تان ڪاميابي خلاف درخواست رد

مزید خبریں
لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي عام چونڊن ۾ تڪ اين اي 127 تان ڪاميابي خلاف درخواست رد ڪئي وئي آهي. ملڪ ظهير عباس کوکر وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ جي چونڊن ۾ ڪاميابي کي چئلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل ملڪ ظهير عباس کوکر جي درخواست کي غلط، نه ٻُڌڻ جوڳو ۽ بي بنياد قرار ڏنو. ملڪ ظهير عباس کوکر ڪيترائي ڀيرا تاريخون ورتيون ۽ ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ طرفان بئريسٽر حارث عظمت ايڊووڪيٽ اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ظهير عباس کوکر پنهنجي حق ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. مضبوط ثبوت پيش نه ڪرڻ ۽ درخواست ٻڌڻي جوڳي نه هُجڻ تي اليڪشن ٽربيونل چونڊ عذرداري خارج ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم جو پوليٽيڪل ڪوآرڊينيٽر سيد توصيف شاهه به موجود هو.











