ڪراچي-30 مارچ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سينيٽر شيري رحمان جي گهر پهچي سندس نياڻيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. جاري بيان موجب وفاقي وزير گهري ڏُک جو اظهار ڪندي شيري رحمان ۽ سندس وارثن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن مرحومه لاءِ مغفرت جي دُعا ڪئي ۽ دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ …
انجنيئر امير مقام پاران سينيٽر شيري رحمان سان سندس نياڻيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي-30 مارچ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سينيٽر شيري رحمان جي گهر پهچي سندس نياڻيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. جاري بيان موجب وفاقي وزير گهري ڏُک جو اظهار ڪندي شيري رحمان ۽ سندس وارثن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن مرحومه لاءِ مغفرت جي دُعا ڪئي ۽ دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرماءِ. وفاقي وزير ان غم جي گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.











