لاھور - 30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 ۾ لاھور قلندرز جي اوپنر فخر زمان کي بال سان حرڪت ڪرڻ جي الزام ۾ ليول ٿري ڏوھه تحت چارج ڪري ڇڏيو آھي.فخر زمان طرفان الزام کي رد ڪرڻ کانپوءِ ان جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ اڱاري ڏينھن تي ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي پڌرائي مطابق فخر زمان پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق جي …
بال سان حرڪت ڪرڻ تي لاھور قلندرز جي فخر زمان خلاف الزام جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي: پي سي بي
لاھور – 30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 ۾ لاھور قلندرز جي اوپنر فخر زمان کي بال سان حرڪت ڪرڻ جي الزام ۾ ليول ٿري ڏوھه تحت چارج ڪري ڇڏيو آھي.فخر زمان طرفان الزام کي رد ڪرڻ کانپوءِ ان جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ اڱاري ڏينھن تي ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي پڌرائي مطابق فخر زمان پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 41.3 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪا بال جي حالت ۾ غيرقانوني تبديلي بابت آھي. پي سي بي مطابق ان معاملي جي ٻڌڻي ميچ ريفري روشن ماھنامه ڪئي، جتي فخر زمان پاڻ تي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. بورڊ جو چوڻ آھي ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ٿيندي، جنھن کانپوءِ آخري فيصلو ٻڌايو ويندو.












