ويلنگٽن-27 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 29 مارچ تي هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم مهمان ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيم کي 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 4-1 تان شڪست ڏني هئي. نيوزيلينڊ جي وومينز ٽيم اميليا ڪير …
نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 29 مارچ تي کيڏي ويندي
ويلنگٽن-27 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 29 مارچ تي هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم مهمان ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيم کي 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 4-1 تان شڪست ڏني هئي. نيوزيلينڊ جي وومينز ٽيم اميليا ڪير جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا وومينز کي لوراوو لوراڊٽ ليڊ ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻئين ون ڊي ميچ پهرين اپريل تي ويلنگٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 4 اپريل تي ساڳي هنڌ کيڏي ويندي.












