لاهور-26 مارچ (اي پي پي) لاهور ۾ پاڪستان سپر ليگ 11 جي شاندار شروعات قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿي، جتي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي پهچڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سندس شاندار استقبال ڪيو. تقريب دوران مريم نواز کي پي ايس ايل 11 ۾ شامل سمورين ٽيمن جي مالڪن سان تعارف ڪرايو ويو جڏهن ته هن ليگ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار …
پي ايس ايل 11 جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شاندار شروعات، مريم نواز جي پهچڻ تي پي سي بي جي چيئرمين پاران شاندار آجيان
لاهور-26 مارچ (اي پي پي) لاهور ۾ پاڪستان سپر ليگ 11 جي شاندار شروعات قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿي، جتي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي پهچڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سندس شاندار استقبال ڪيو. تقريب دوران مريم نواز کي پي ايس ايل 11 ۾ شامل سمورين ٽيمن جي مالڪن سان تعارف ڪرايو ويو جڏهن ته هن ليگ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. افتتاحي ميچ ۾ شامل ٽيمن حيدرآباد ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جي رانديگرن سان به وزيراعليٰ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي ليجنڊ رانديگر وسيم اڪرم پي ايس ايل 11 جي ٽرافي ميدان ۾ کڻي آيو جڏهن ته ميچ کان اڳ قومي ترانو وڄايو ويو جنهن ڪرڪيٽ جي شوقينن جي جوش ۽ جذبي کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو. محسن نقوي ليگ جي شروعات تي سمورين ٽيمن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. مريم نواز ۽ محسن نقوي افتتاحي ميچ گرائونڊ ۾ ويهي ڏٺي. تقريب ۾ سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي وزيرن سلمان رفيق، فيصل ايوب کوکر ۽ ٻيا به موجود هئا.












