سرينگر - 19 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي (پي ڊي پي) جي سربراھه محبوبه مفتي ڪشمير ۽ ايران وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته مشڪل جي ھن گھڙي ۾ اسان جا جذبات ۽ دعائون ايران جي عوام سان گڏ آھن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي سرينگر ۾ پارٽي اڳواڻن جي ھڪ اجلاس …
محبوبه مفتي پاران ايران سان يڪجھتي جي اظھار ۾ گرفتار نوجوانن جي آزادي تي زور

مزید خبریں
سرينگر – 19 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي (پي ڊي پي) جي سربراھه محبوبه مفتي ڪشمير ۽ ايران وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته مشڪل جي ھن گھڙي ۾ اسان جا جذبات ۽ دعائون ايران جي عوام سان گڏ آھن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي سرينگر ۾ پارٽي اڳواڻن جي ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام ايران جي رستي ڪشمير آيو. ھن ايران جي ماڻھن سان گڏ ٿيڻ ۽ ھمدردي ۽ حمايت جو ڀرپور مظاھرو ڪرڻ تي ڪشميرين جي تعريف ڪئي. محبوبه مفتي عوام کي اپيل ڪئي ته ھو ايران جي عوام لاءِ خاص طور رمضان جي آخري ڏينھن ۾ امن، اسلامتي لاءِ خصوصي دعا ڪن. ھن مسلمان ملڪن تي زور ڀريو ته ھو اڳتي اچن ۽ ايران جي عوام جي حمايت ڪن. ھن ڀارتي انتظاميا تي زور ڀريو ته ھو انھن نوجوانن کي آزاد ڪن، جن ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي جارحيت خلاف مظاھرن دوران گرفتار ڪيو ويو آھي.











