راس لفان اينرجي جي ڪامپليڪس ۾ راڪيٽ حملي جي نتيجي ۾ لڳل باھه تي ضابطو آندو ويو آھي: قطر جي گھرو وزارت

دوحا _ 19 مارچ (اي پي پي) قطر جي گھرو وزارت چيو آھي ته راس لفان اينرجي ڪامپليڪس ۾ راڪيٽ حملي جي نتيجي ۾ لڳل باھه تي ضابطو آندو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق حملي ۾ ڪنھن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع ناھي مليو. قطر جي گھرو وزارت طرفان ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته اينرجي ڪمپليڪس تي جن ھنڌن تي باھه لڳي ھئي، اتي ڪولنگ جو …

دوحا _ 19 مارچ (اي پي پي) قطر جي گھرو وزارت چيو آھي ته راس لفان اينرجي ڪامپليڪس ۾ راڪيٽ حملي جي نتيجي ۾ لڳل باھه تي ضابطو آندو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق حملي ۾ ڪنھن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع ناھي مليو. قطر جي گھرو وزارت طرفان ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته اينرجي ڪمپليڪس تي جن ھنڌن تي باھه لڳي ھئي، اتي ڪولنگ جو عمل جاري آھي ۽ خطرناڪ مواد کي ھڪ خاص يونٽ سنڀالي رھيوآھي. راس لفان جي ٺڪاڻي تي گذريل ڏينھن صبح جو راڪيٽ حملو ڪيو ويو ھو. ان کان اڳ قطر جي سرڪاري توانائي ڪمپني تصديق ڪئي هئي ته خميس ڏنيھن  صبح جو ان جي مرڪزي ھنڌ تي گيس ٺڪاڻن تي راڪيٽن سان نشاڻو بڻايو ويو، جنھن سبب باھه لڳي وئي ۽ وڌيڪ نقصان ٿيو آھي، جڏھن ته زخمي ٿيڻ يا جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آھي.