گڏيل قومون-19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته وچ اوڀر خاص ڪري ايران تي جاري آمريڪي اسرائيلي جنگ ۾ توسيع ۽ لبنان ۾ ڇڪتاڻ وچ ۾ شام جي استحڪام ۽ بحالي جي عمل کي هر صورت ۾ محفوظ رکيو وڃي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ شام جي صورتحال تي بحث دوران …
شام جي بحالي جي نازڪ صورتحال کي وچ اوڀر ۾ پکڙجندڙ جنگ کان هر ممڪن طور تي محفوظ رکيو وڃي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته وچ اوڀر خاص ڪري ايران تي جاري آمريڪي اسرائيلي جنگ ۾ توسيع ۽ لبنان ۾ ڇڪتاڻ وچ ۾ شام جي استحڪام ۽ بحالي جي عمل کي هر صورت ۾ محفوظ رکيو وڃي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ شام جي صورتحال تي بحث دوران چئي. هن چيو ته آمريڪا – اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ ۽ لبنان جي صورتحال هاڻي شام تائين پکڙجي رهي آهي، جيڪا پهرين ئي خاص طور تي 2024ع جي آخر ۾ بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ هڪ مشڪل دور مان گذري رهي آهي. پاڪستان زور ڀريو ته اهڙي غير يقيني واري حالتن ۾ ضروري آهي ته شام کي علائقائي تڪرارن جي منفي اثرن کان محفوظ رکيو وڃي ته جيئن ان جي بحالي ۽ استحڪام جو عمل متاثر نه ٿئي. پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شام ۾ سياسي عمل شام جي قيادت ۽ شام جي عوام جي ملڪيت هجڻ گهرجي، جيڪو شفاف، جامع ۽ وقت سر اڳتي وڌي. ان ۾ قانونساز ادارن جي تڪميل به شامل آهي. اسان اتر اوڀر ۾ پارلياماني عمل جي تڪميل ۽ باقي ميمبرن جي مقرري جا به منتظر آهيون. پاڪستان ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيندي ان جي مسلسل ۽ تعميري شموليت جي حمايت ڪئي.











