پي ايس ايل  جي 11هين ايڊيشن جي شروعات، پشاور زلمي پاران ٽيم جي نئين ڪٽ جو ٽيزر جاري

لاهور-18 مارچ(اي پي پي) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن جي شروعات تي پشاور زلمي جون سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن. پشاور زلمي پنهنجي ٽيم جي نئين ڪٽ جي لانچنگ مهم جي سلسلي ۾ هڪ خصوصي ٽيزر ويڊيو سوشل ميديا پليٽ فارمز تي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي اسٽار بيٽسمين بابراعظم نمايان نظر اچي رهيو آهي. ٽيزر ۾ جديد سي جي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي …

لاهور-18 مارچ(اي پي پي) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن جي شروعات تي پشاور زلمي جون سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن. پشاور زلمي پنهنجي ٽيم جي نئين ڪٽ جي لانچنگ مهم جي سلسلي ۾ هڪ خصوصي ٽيزر ويڊيو سوشل ميديا پليٽ فارمز تي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي اسٽار بيٽسمين بابراعظم نمايان نظر اچي رهيو آهي. ٽيزر ۾ جديد سي جي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي پشاور جي تاريخي علائقن کانسواءِ ڪرڪٽ اسٽيڊيم کي به خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. فرنچائز پاران جاري ان ڊيجيٽل مهم جو مقصد مداحن کي پي ايس ايل جي نئين سيزن کان اڳ ٽيم جي نئين ڪٽ کان متعارف ڪرائڻ ۽ پشاور جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي.

مزید خبریں