پي سي بي چيئرمين  سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جي ملاقات

لاهور -14 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان پي سي بي جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي ٽيم جي معاملن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين  سليڪشن ڪميٽي کي پنهنجا فرض مڪمل آزادي ۽ دياتنداري سان انجام ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو مڪمل فري هينڊ استعامل ڪن ۽ ڪنهن به …

لاهور -14 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان پي سي بي جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي ٽيم جي معاملن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين  سليڪشن ڪميٽي کي پنهنجا فرض مڪمل آزادي ۽ دياتنداري سان انجام ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو مڪمل فري هينڊ استعامل ڪن ۽ ڪنهن به دٻاءَ کي خاطر  ۾ نه آڻين. هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي بنا ڪنهن دٻاءَ جي ايمانداري سان فيصلا ڪري ۽ تنقيد براءِ تنقيد جي پرواهه نه ڪري. هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي جي فيصلين ۾ سندس مڪمل حمايت شامل هوندي ۽ هو ميرٽ جي بنياد تي بهترين ٽيم جي چونڊ کي يقيني بڻائين. ان موقعي تي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر مصباح الحق، سرفراز احمد، اسد شفيق ۽ عاقب جاويد اعتماد جي اظهار تي پي سي بي چيئرمين جو ٿورو ادا ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو قومي ٽيم لاءِ بهترين رانديگرن جي چونڊ ميرٽ تي ڪندا.

مزید خبریں