ڍاڪا -10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ اربع 11 مارچ تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستان جي ٽيم هِن وقت بنگلاديش جي دوري تي آهي ۽ هو پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. پاڪستان ٽيم جي قيادت مشهور …
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ 11 مارچ تي کيڏيو ويندو
ڍاڪا -10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ اربع 11 مارچ تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستان جي ٽيم هِن وقت بنگلاديش جي دوري تي آهي ۽ هو پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. پاڪستان ٽيم جي قيادت مشهور فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ڪندو جڏهن ته ميزبان ٽيم جي قيادت مهدي حسن مرزا ڪندو. سيريز جو ٻيو ميچ 13 مارچ جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ميچ 15 مارچ تي کيڏيو ويندو.












