نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار وزيراعظم جي ڪميٽي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جلد خراب ٿي ويندڙ خوراڪ جي شين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي ڪميٽي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ جلد خراب ٿي ويندڙ خوراڪ جي شين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ ۾ انهن جي بنا رڪاوٽ فراهمي سان گڏوگڏ وڌيڪ پيداوار جي وقت سر برآمد کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو.  نائب وزيراعظم آفيس پاران …

اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي ڪميٽي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ جلد خراب ٿي ويندڙ خوراڪ جي شين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ ۾ انهن جي بنا رڪاوٽ فراهمي سان گڏوگڏ وڌيڪ پيداوار جي وقت سر برآمد کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو.  نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب خطي ۾ واپار جي بدلجندڙ رجحانن ۽ ڪجهه روايتي رستن ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي ڏس ۾، ڪميٽي برآمدات جي لاءِ متبادل رستن، سامونڊي گذرگاهن ۽ نئين امڪاني منڊين جي ڳولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ برآمد ڪندڙن پاران پيش ڪيل تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ اسٽوريج (ذخيره اندوزي)، لاجسٽڪس ۽ عالمي منڊين تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان سان گڏوگڏ عالمي سطح تي طلب ۽ قيمتن جي رجحانن جو پڻ جائزو ورتو ويو ته جيئن بهتر فيصلاسازي جي ذريعي پاڪستان جي برآمدي مسابقت کي مضبوط بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير، واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وزيراعظم جي واپار واري ڪوآرڊينيٽر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں