اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت چيمبرز آف ڪامرس ۽ صنعت ۽ واپار جي نمائندن سان ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۾ پُرعزم آهي، حڪومت جي فوري ترجيح سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ ۽ توانائيءَ جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنائڻ آهي، پيٽرول، ڊيزل، ڪچي تيل ۽ ايل اين جي ۽ ايل پي جي جي دستيابيءَ تي واضح …
حڪومت چيمبرز آف ڪامرس ۽ صنعت ۽ واپار جي نمائندن سان ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۾ پُرعزم آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت چيمبرز آف ڪامرس ۽ صنعت ۽ واپار جي نمائندن سان ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۾ پُرعزم آهي، حڪومت جي فوري ترجيح سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ ۽ توانائيءَ جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنائڻ آهي، پيٽرول، ڊيزل، ڪچي تيل ۽ ايل اين جي ۽ ايل پي جي جي دستيابيءَ تي واضح نظر آهي، عالمي غير يقيني صورتحال سبب پيدا ٿيل امڪاني دٻاءُ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ منصوبا بندي به ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ معاشي استحڪام، سڌارن جي ايجنڊا ۽ توانائيءَ بابت معاملن تي ڳالهيون ٿيون.وفد جي قيادت سهيل الطاف ۽ صدر عثمان شوڪت ڪري رهيو هو. ملاقات دوران پاڪستان جي معاشي صورتحال، ڪاروباري برادريءَ جي خدشن ۽ آر سي سي آءِ جي وفد جي آمريڪا جي تازي دؤري جي نتيجن تي تعميري ڳالهيون ڪرڻ هو. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير آر سي سي آءِ طرفان آمريڪا ۾ پاليسي سازن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ معاشي ادارن سان رابطا جاري رکڻ جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ان نوعيت جا رابطا پاڪستان جي معاشي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ ۽ اهم عالمي ڀائيوارن سان واپاري ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ اهم آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت گذريل عرصي دوران معاشي استحڪام جي بحالي ۽ـ معيشت جي بنيادي بناوت کي بهتر بنائڻ لاءِ ڏُکيا پر ضروري قدم کنيا، انهن قدمن جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ عالمي ڀائيوارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، اهم معاشي اهڃاڻ به مستحڪم ٿيا آهن. انهن اڳڀرائين کي مستقبل جي ترقيءَ لاءِ بنياد قرار ڏيندي هن زور ڀريو ته هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ ان استحڪام کي پائيدار سيڙپڪاري، صنعتي سرگرمي ۽ـ روزگار جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت مجموعي سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي بهتر بنائڻ ۽ ڪاروباري اعتماد کي متاثر ڪندڙ ڍانچه جاتي مسئلن جي حل لاءِ پُرعزم آهي. خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڪم جو حوالي ڏيندي چيو ته منظوريءَ جي عمل کي آسان بنائڻ، ريگيوليٽري ادارن وچ ۾ هم آهنگي بهتر بنائن ۽ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم شروع ڪيا ويا آهن. هن تسليم ڪيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد صرف معاشي اهڃاڻن تي نه پر پاليسين جي تسلسل، اڳواٽ ۽ اثرائتي تڪراري حل جي نظام تي به ڀاڙڻ هوندو آهي. ٽيڪس نظام ۽ ڪاروباري سهولتڪار جي حوالي سان هن زور ڀريو ته حڪومت چيمبرز آف ڪامرس ۽ صنعت ۽ واپار جي نمائندن سان ويجهو رابطو برقرار رکڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ڪاروباري برادريءَ سان باقاعده ڳالهين لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪس پاليسين کي معاشي حقيقتن مطابق آڻي سگهجي ۽ نظام ۾ انصاف کي يقيني بنائيندي ترقيءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. ناڻي واري وزير وفد کي علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عالمي تيل ۽ توانائيءَ جي بدلجندڙ صورتحال بابت به آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت جي فوري ترجيح سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ ۽ توانائيءَ جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنائڻ آهي. ان سلسلي ۾ هن ٻُڌايو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪيترائي اعليٰ سطحي اجلاس ٿي چڪا آهن ۽ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل وزارتن سان گڏجي ٻارڻ جي ذخيرن، سپلاءِ چين ۽ مارڪيٽ جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي. هن وضاحت ڪئي ته وقت سر قيمتن ۾ ڦيرڦار مارڪيٽ جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ سپلاءِ چين جي اثرائتي انداز ۾ ڪم جاري رکڻ لاءِ ضروري هو. ان کان اڳ آر سي سي آءِ جي صدر عثمان شوڪت ناڻي واري وزير جو وفد کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. هن اجلاس کي آر سي سي آءِ جي آمريڪا جي تازي دؤري بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ان دؤري جو مقصد معاشي موقعن جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جا امڪان ڳولڻ هو.هن ٻُڌايو ته وفد واشنگٽن ڊي سي ۽ـ نيويارڪ ۾ آمريڪي قانونسازن، سينيٽرز، معاشي ترقيءَ بابت ادارن ۽ ڪاروباري چيمبرز سان 14 ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن کي هاڪاري ۽ همٿائيندڙ قرار ڏيندي چيو ته آمريڪي حلقن ۾ پاڪستان سان معاشي رابطن کي مضبوط بنائڻ ۾ نمايان دلچسپي ڏٺي وئي. هن چيو ته انهن ملاقاتن ۾ دواسازي ۽ صحت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ کاڻيون کوٽڻ، اسٽيل، اڏاوتي ۽ آٽوموبائل سميت مختلف شعبن ۾ امڪاني سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن چيو ته آمريڪي ڌُرين پاڪستاني ڪاروباري برادريءَ کي صرف روانگي واپار تائين محدود نه رهڻ پر سيڙپڪاري ڀائيواري ۽ گڏيل منصوبن جا امڪان ڳولڻ جي به صلاح ڏني، جنهن سان ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل مفادن جا معاشي موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا. ناڻي واري وزير آر سي سي آءِ جي بريفنگ ۽ رابطي ڪاري جي ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ معاشي سڌارن، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروباري سهولت ڪاريءَ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفد پڻ معيشت، ٽيڪس نظام ۽ توانائيءَ جي صورتحال تي ناڻي واري وزير جي تفصيلي بريفنگ کي ساراهيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مسلسل رابطي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط بنائڻ ۽ پاڪستان جي معاشي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.











