وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڊيرا غازي خان جي سرحدي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيرا غازي خان جي سرحدي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي پنجاب جي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. سي ٽي ڊي جوانمردي سان مقابلو ڪندي 4 دهشتگردن …

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڊيرا غازي خان جي سرحدي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي پنجاب جي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خوارجين جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. سي ٽي ڊي جوانمردي سان مقابلو ڪندي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب جي بهادر سپوتن تي فخر آهي، سي ٽي ڊي پنجاب جي سڄي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو.

مزید خبریں