اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6500 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 5 لک 33 هزار 362 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سومر ڏينهن في تولو سون جي قيمت ۾ 6500 روپين جي گهٽتائي ٿي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 5573 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ 462844 روپين کان گهٽ ٿي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6500 روپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6500 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 5 لک 33 هزار 362 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق سومر ڏينهن في تولو سون جي قيمت ۾ 6500 روپين جي گهٽتائي ٿي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 5573 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ 462844 روپين کان گهٽ ٿي 457271 روپيه ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 424289 روپين کان گهٽ ٿي 419180 روپيه ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 37 روپيه اضافي کانپوءِ 8894 ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 31 روپيه اضافي کانپوءِ 7625 روپيه ٿي وئي. ايسوسيئيشن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 5171 ڊالر کان گهٽ ٿي 5106 ڊالر ٿي وئي.











