پاڪستان جي انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مطابق سومر ڏينهن انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 3 پئسن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 279 روپيه 37 پئسه ٿي وئي. انٽر بينڪ مارڪيٽ …

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مطابق سومر ڏينهن انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 3 پئسن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 279 روپيه 37 پئسه ٿي وئي. انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 74 رپيه 42 پيسا جڏهن ته بحريني دينار جو قدر 739 روپيه 76 پيسا رهيو. اهڙي طرح عماني ريال جو انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 725 روپيه 63 پيسا رهيو، ڪويتي دينار جو قدر 911 روپيه 93 پيسا ۽ قطري ريال جو قدر 76 روپيه 43 پيسا رڪارڊ ڪيو ويو. پئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 279 روپيه 5 پيسا ۽ وڪري واري قيمت 280 روپيه 40 پيسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں