اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته افغانستان وٽ ننڍي عمر جا خودڪش بمبار موجود آهن جن کي هو بيگناهن خلاف استعمال ڪري ٿو. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي عورت مارچ جي اجازت نه وئي، بنا اين او سي جي مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي حراست ۾ ورتو ويو جن کي رات جو آزاد ڪيو ويو. قومي …
افغانستان وٽ ننڍي عمر جي آپگهاتي بمبارن جو هٿيار آهي جنهن کي هو بيگناهن خلاف استعمال ڪري ٿو، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي عورت مارچ جي اجازت نه ڏني وئي: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته افغانستان وٽ ننڍي عمر جا خودڪش بمبار موجود آهن جن کي هو بيگناهن خلاف استعمال ڪري ٿو. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي عورت مارچ جي اجازت نه وئي، بنا اين او سي جي مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي حراست ۾ ورتو ويو جن کي رات جو آزاد ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران مختلف سوالن جي جواب ۾ طلال چوڌري ٻُڌايو ته 15 تي ملندڙ ڪالز جو 95 سيڪڙو ردِعمل ڏنو وڃي ٿو جنهن سان ڪال ڪندڙ مطمئن هوندا آهن. هن چيو ته کاتي ۾ ڪرپشن جو اعتراف ڪريون ٿا جڏهن ته ان حوالي سان زيرو ٽالررنس آهي. ڪرپشن تي جن آفيسرن ۽ ٻين کي سزائون ڏنيون ويون انهن جا تفصيل فراهم ڪنداسين. شاهده رحماني جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ عورت مارچ ملتوي ڪيا ويا جڏهن ته اسلام آباد ۾ بنا اين او سي جي مارچ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي ڪارروائي ڪندي شرڪت ڪندڙن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ بعد ۾ کين آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته فرزانه باري پاڻ تسليم ڪيو ته انهن وٽ اين او سي نه هو عورت مارچ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪالون مردن طرفان آيون ۽ انهن ٻُڌايو ته عورتن لاءِ 1815 هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي جنهن تي 9534 شڪايتون داخل ڪيون ويون جن ۾ 2719 اُڪلايون ويون. هن ٻُڌايو ته ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب اچ وڃ جي داخلي رستن کي مختلف وقتن تي محدود ڪيو وڃي ٿو، افغانستان سان موجوده صورتحال ۾ ان وٽ ڪو لانگ رينج هٿيار ناهي پر ننڍي عمر جي ٻارن جو خودڪش بمبار هٿيار آهي، اسان سيڪيورٽي لاءِ اهي قدم کڻون ٿا ان تي تڪليف لاءِ معذرت خواه آهيون. هن چيو ته جتي به ڪرپشن ٿيندي آهي اتي ماڻهو پڪڙيا ويندا آهن، ڪوهستان اسڪينڊل، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۽ بي آر ٽي ميٽرو اسيڪنڊل ۾ ماڻهو پڪڙيا ويا آهن جڏهن ته ادارن جو غلط استعمال ڪن ٿا انهن تي ڪورٽ مارشل به ٿيندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ليڊرشپ کي سيڪيورٽي خطرا آهن انهن تي ڪيترائي ڀيرا حملا پڻ ٿي چڪا آهن انهن جي سيڪنڊ لائن قيادت به نشانو بڻي آهي، سيڪيورٽي ايجنسيون جتي ڪنهن لاءِ خطري کان آگاهه ڪن ٿيون ته جيئن هو حفاظتي تدبيرون اختيار ڪن ۽ سيڪيورٽي ادارن سان تعاون ڪن.











