گهرو وزارت اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) گهرو وزارت چيو آهي ته هو وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ طلال چوڌري چيو آهي ته وفاقي گادي واري هنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ سان گهرو وزارت جو سڌيءَ ريت …

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) گهرو وزارت چيو آهي ته هو وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ طلال چوڌري چيو آهي ته وفاقي گادي واري هنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ سان گهرو وزارت جو سڌيءَ ريت ڪوبه واسطو ناهي. گهرو وزارت ان حوالي سان صرف فيصلن تي عمل ڪري ٿي جيڪڏهن ايوان ان حوالي سان قانونسازي ڪري ٿو ۽ اليڪشن ڪميشن هتي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته گهرو وزارت ان لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں