وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گلگت بلتستان جي 100 ميگاواٽ سولر منصوبي تي قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سولر پينلز جي ڪراچي کان رسد ۽ گلگت بلتستان جي عوام پاران درخواستن جو جائزو ورتو ويو ۽ سولر پينلز جي ورهاست جي عمل کي شفاف بڻائڻ …

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گلگت بلتستان جي 100 ميگاواٽ سولر منصوبي تي قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سولر پينلز جي ڪراچي کان رسد ۽ گلگت بلتستان جي عوام پاران درخواستن جو جائزو ورتو ويو ۽ سولر پينلز جي ورهاست جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ قرعه اندازي جي طريقيڪار کي مڪمل طور تي شفاف ۽ منصفاڻو رکڻ جي هدايت ڪئي وئي. وفاقي وزير  زور ڀيريندي  چيو ته قرعه اندازي جو بندوبست اهڙي انداز ۾ ڪيو وڃي جيڪو شفافيت، ديانتداري ۽ هڪجهڙن موقعن جي اصولن مطابق هجي. هن هدايت ڪئي ته قرعه اندازي ميڊيا ۽ عوامي نمائندن جي موجودگي ۾ ڪرائي وڃي ته جيئن پوري عمل کي شفافيت ۽ عوامي اعتماد کي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں