حڪومت جي وقت سر فيصلن سبب ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي معمول مطابق جاري آهي: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته حڪومت جي وقت سر فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي معمول مطابق جاري آهي. ڏکئي عالمي معاشي ماحول ۾ اسان سڀني کي قوم جي حيثيت سان ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. سُومر ڏينهن پرائيم منسٽر يوٿ  پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان  پيٽروليم مصنوعات  جي قيمتن جي صورتحال تي …

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته حڪومت جي وقت سر فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي معمول مطابق جاري آهي. ڏکئي عالمي معاشي ماحول ۾ اسان سڀني کي قوم جي حيثيت سان ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. سُومر ڏينهن پرائيم منسٽر يوٿ  پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان  پيٽروليم مصنوعات  جي قيمتن جي صورتحال تي اهم بيان ۾ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم  مصنوعات جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 110 ڊالر في بيرل  کان به وڌي وئي آهي، پاڪستان حڪومت وقت سر ۽ ذميواراڻا فيصلا ڪندي ملڪ کي امڪاني بحران کان محفوظ رکڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جيڪڏهن ٻه ڏينهن اڳ پيٽرول جي قيمتن ۾ ايڊجسٽمينٽ نه ڪئي وڃي ها ته ملڪ ۾ مصنوعي کوٽ جو امڪان هو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي موجوده صورتحال ان حقيقت جو واضح مثال آهي. بنگلاديش ۾ حڪومت کي پيٽرول جو وڪرو گاڏين جي قسم موجب محدود ڪرڻو پيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي دور انديش قيادت عيوض پاڪستان ۾ اهڙي صورتحال پيدا ناهي ٿي. هن چيو ته وقت سر فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي معمول موجب جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي ڪنهن به قسم جي پابندين کي منهن ناهي ڏيڻو پيو. ڏکئي عالمي معاشي ماحول ۾ اسان سڀني کي قوم جي حيثيت ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ  گهرجي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو صبر ۽ تعاون جو مظاهرو ڪن. انشاء الله حڪومت جي موثر پاليسين ۽ قوم جي اتحاد سان پاڪستان ان چئلينج مان به ڪاميابي سان نڪري ايندو.

مزید خبریں