افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون اثرائتيون زميني ۽ هوائي ڪارروائيون جاري

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون زميني ۽ هوائي اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن، پڪتيڪا  ۾ شاهين بيس جو ايمونيشن ڊيپو مڪمل تباهه ٿي ويو ۽ ڏکڻ وزيرستان سان جڙيل افغان طالبان جي پوسٽ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون موثر جوابي ڪارروائيون جاري آهن. انهن ڪارروائين ۾ پاڪ فوج …

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون زميني ۽ هوائي اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن، پڪتيڪا  ۾ شاهين بيس جو ايمونيشن ڊيپو مڪمل تباهه ٿي ويو ۽ ڏکڻ وزيرستان سان جڙيل افغان طالبان جي پوسٽ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون موثر جوابي ڪارروائيون جاري آهن. انهن ڪارروائين ۾ پاڪ فوج ڪامياب ڪارروائي ڪندي پڪتيڪا ۾ شاهين بيس جي اميونيشن ڊيپو کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ افغان بارڊر تي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. آپريشن غضب الحق اڃا تائين جاري آهي ۽ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.  سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج شوال، ڏکڻ وزيرستان تي وقت سر ڪارروائي ڪندي پاڪستان سان جڙيل افغان طالبان جي پوسٽ کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ افغان طالبان جي ان پوسٽ کي ڌماڪيدار  مواد سان اڏايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج افغان طالبان جي ٺڪاڻن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي لاڳيتو نشانو بڻائي رهي آهي.

مزید خبریں