پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات  تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 11015.96 پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 146480.14  پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 567  ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 35 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 386 جي قيمتن م گهٽتائي ۽ 148  جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مجموعي طور 621.65  ملين شيئرز جي ڏيتي …

اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات  تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 11015.96 پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 146480.14  پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 567  ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 35 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 386 جي قيمتن م گهٽتائي ۽ 148  جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مجموعي طور 621.65  ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 37.11 ملين روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 3333.70 پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 44996.50 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ  ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 14647.93  پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 210039.40 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 6.25 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 127469387 شيئرز، فرسٽ نيشنل ايڪويٽيز لميٽڊ جي 33608420 شيئرز ۽ بئنڪ آف پنجاب جي 33386862 شيرئز جي ڏيتي ليتي ٿي، بليسڊ ٽيڪسٽائيل ملز، جوبلي اسپننگ اينڊ ويونگ ملز ۽ اينٽناز ٽيڪنالاجيز لميٽڊ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.

مزید خبریں