پورٽ ويل ۽ سائوٿمپٽن جي اپ سيٽ ڪاميابي، ايف اي ڪپ جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

لنڊن- 9 مارچ(اي پي پي) پورٽ ويل ايف اي ڪپ جي پنجين رائونڊ ۾ هڪ وڏو اپ سيٽ ڪندي، پريمئير ليگ جي ٽيم سنڊرلينڊ کي 1-0  جي گول تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. سنڊرلينڊ  ليگ  جي درجا بندي نظام ۾ پورٽ ويل کان 57 درجا  مٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ويل پارڪ، اسٽوڪ آن ٽرينٽ، انگلينڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پورٽ ويل ۽ سنڊر لينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون …

لنڊن- 9 مارچ(اي پي پي) پورٽ ويل ايف اي ڪپ جي پنجين رائونڊ ۾ هڪ وڏو اپ سيٽ ڪندي، پريمئير ليگ جي ٽيم سنڊرلينڊ کي 1-0  جي گول تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. سنڊرلينڊ  ليگ  جي درجا بندي نظام ۾ پورٽ ويل کان 57 درجا  مٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ويل پارڪ، اسٽوڪ آن ٽرينٽ، انگلينڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پورٽ ويل ۽ سنڊر لينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون  جنهن ۾ پورٽ ويل جي ٽيم انتهائي سخت کان پوءِ سنڊرلينڊ جي ٽيم کي نه رڳو 1-0 جي گول تان شڪست ڏني پر ايف اي ڪپ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪيو. پورٽ ويل پاران فيصلائتو گول بين وائن ميچ جي 28 هين منٽ ۾ ڪيو. ليگ ون ۾ آخري نمبر تي موجود پورٽ ويل 1954 کان پوءِ پهريون ڀيرو ايف اي ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي. ٽيم جي ڪاميابي ۾ بين وين 28 هين منٽ ۾ ڪيل هيڊر گول فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. سنڊرلينڊ اٽڪل تقريباً 70 سيڪڙو بال پوزيشن حاصل ڪئي ۽  17 شاٽس لڳايا، پر پورٽ ويل جي مضبوط دفاع کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهي.

مزید خبریں